ٽالپر مير غلام علي خان غلام

ٽالپر، مير غلام علي خان ’غلام ‘:مير غلام علي خان ٽالپر، پنهنجي وڏي ڀاءُ مير فتح علي جي وفات بعد 16 محرم الحرام 1207 هه/ 1802ع تي سنڌ جو حاڪم ٿيو، دستاربنديءَ ۾ مير سهراب خان سميت جملي ٽالپر سردارن شرڪت ڪئي، هي پهرين چوياريءَ جو ٻيو نمبر حڪمران هو. هن پاڻ سان گڏ پنهنجي ٻن ننڍن ڀائرن ۽ مير فتح علي خان جي فرزند مير صوبدار خان کي حڪومت ۾ شريڪ ڪيو، مير غلام علي خان نيڪ دل ۽ ذهين هو. حڪمرانيءَ جي آدابن ۽ معاملن کان واقف هو. پنهنجي حڪومت جي نظم ۽ نسق ۾ اخلاقي قدرن ۽ مذهبي اصولن جي پابندين ڏانهن خاص ڌيان ڏنو.
”روپيه ڪوره“ مير صاحب جو ايجاد ڪيل سڪو هو، 1218 هه/ 1803ع ۾ مير ٺاري خان ۽ مير غلام علي خان جي وچ ۾ معمولي ڳالهه تان تڪرار ٿي پيو ۽ نوبت جنگ تائين وڃي پهتي. مير محمود خان جي اڳواڻيءَ ۾ لشڪر روانو ٿيو، مير ٺارو خان به جنگ لاءِ تيار ٿي نڪتو، جنهن ۾ مير ٺارو خان زخمي ٿيو ۽ شڪست کاڌائين. زخمي حالت ۾ کيس هڪ ٻيڙيءَ ۾ کڻائي حيدرآباد آندو ويو ۽ سندس علاج ڪرايو ويو، جڏهن ٺيڪ ٿيو تڏهن نهايت عزت، احترام ۽ خلعت ڏئي کيس روانو ڪيو ويو.
انگريزن جو سنڌ سان تجارتي رابطو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور ۾ 1758ع ۾ قائم ٿيو ۽ انهن پنهنجا تجارتي مرڪز ٺٽي ۽ شاهه بندر ۾ کوليا. ٽالپرن پنهنجي ابتدائي زماني ۾ انهيءَ رابطي کي مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ليڪن انگريزن جي دوستي افغانستان خلاف هڪ سازش هئي ۽ افغانستان جي شاهه جي حڪم تي مير صاحب، انگريزن سان تعلقات ختم ڪري ڇڏيا.
مير صاحب 1803ع ۾ پنهنجو خاص نمائندو بمبئيءَ موڪليو ته هو انگريزن کي سنڌ ۾ واپار لاءِ راضي ڪري، پر انگريزن اڳئين نقصان جو مطالبو ڪيو. پر والي افغانستان شاهه زمان جي هندوستان جي مغربي علائقن تي حملي کي سامهون رکندي بمبئي جي گورنر، ڪئپٽن ڊيوٽ مسٽن کي مير غلام عليءَ جي درٻار ۾ موڪليو ۽ ٽالپرن ۽ انگريزن جي وچ ۾ تجارتي معاهدو ٿيو.
دراصل ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ هي انگريزن جي غلاميءَ جو پهريون بنيادي معاهدو (طوق) هو، جيڪو اهل سنڌ جي ڳچي ۾ پيو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سان معاهدي ڪرڻ کان پوءِ مير غلام علي خان ٻه سال امن امان سان حڪومت ڪئي.
مير صاحب شڪار جو شوقين هوندو هو، مير عظيم ٺٽويءَ مير صاحب جي شڪار تي وڃڻ جون ڪيتريون قطع تاريخون چيون آهن، جيڪي سندس ديوان ۾ موجود آهن. هڪ ڏينهن مير صاحب پنهنجي احبابن سان گڏ شڪار لاءِ روانو ٿيو. هرڻ جو شڪار ڪيو ۽ هرڻ کي ذبح ڪرڻ وقت هرڻ جو سڱ سندس پير ۾ لڳو، وهندڙ رت بند نه ٿي سگهيو، سمورا علاج بيڪار نظر آيا ۽ آخر 6 جمادي الثاني 1227هه/ 1811ع تي وفات ڪيائين. کيس خدا آباد ۾ پنهنجن بزرگن جي پهلوءَ ۾ دفن ڪيو ويو.
مير غلام علي خان ٽالپر، ٽالپر خاندان جو پهريون شاعر حڪمران هو. سنڌ جي اديب، محقق ۽ شاعر ميرزا عباس علي بيگ پنهنجي هڪ مقالي ۾ مير صاحب جو هڪ بيت ڏنو آهي ۽ لکيو آهي ته مير صاحب ڪڏهن ڪڏهن شعر چوندو هو. سندس ڪتب خاني ۾ مير غلام علي خان جا چند فارسي مناقب موجود آهن، جن ۾ مير غلام علي پنهنجو تخلص ’غلام‘ ۽ ڪٿي ’غلام علي‘ ڪم آندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو